ٿاڻوبولاخان (ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان  پوليس ٿاڻو احمد خان ۾ مبينا کنڀيل ھاري غلام محمد باريجو جي پٽ سڪندر علي پاران  ٿاڻوبولاخان  جي ايس ايڇ او فرمان ابڙو خلاف سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي  آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آھي ته منھنجي  پي کي ٿاڻوبولاخان پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. اسان دائو جبل لڳ ملڪ چنگيز خان جي ٻنئ تي  ھارپو ڪندا آھيون پوليس والد کي کڻي وئي ۽ ملاقات به ڪرڻ نه ڏني. ۽ چيو ته غلام محمد باريجو نالي شخص اسان وٽ نه آھي. اسان جي والد کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. پنھنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٿاڻوبولاخان معاملي کان اڻ ڄاڻائي ظاھر ڪندي چيو ته اسان ڪا به خبر نه آھي اسان غلام محمد باريجو نالي شخص کي گرفتار نه ڪيو آھي نه ٿاڻي آندو آهي.