ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ڳوٺ ٿاڻو عارب خان جي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ ٻن ڄڻڻ پاران خودڪشي جي مبينا ڪوشش ڪئي وئي.ان ڏس ۾ 20 سالن نوجوان نديم ولد پورھو سنھيرو پنھنجي امڙ سان ڪاوڙجي زھريلي جيت مار دوا پي ڇڏي ۽ ٻي واقعي ۾ ڳوٺ الھه بخش سنھيرو ۾ ناري پني لڌي زال قربان سنھيرو گھر ۾ پنھنجي وڏي نڻان جي گھٽ وڌ ڳالھائڻ تان زھريلي دوا پي ڇڏي، جڏھن ته ٻنھي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ٿاڻوبولاخان آندو ويو، جتان کين طبعي امداد ڏيڻ کان پوءِ وڌيڪ علاج جي لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.