ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان نيشنل بئنڪ انتظاميا جي زيادتين جي خلاف رٽائرڊ سرڪاري ملازمن ۽ اڪائونٽ ھولڊر پاران احتجاجي مظاهرو ڪري بئنڪ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي صابر حسين حملاڻي ، پاسبان اڳواڻ رفيق خاصخيلي، جماعت اسلامي اڳواڻ حفيظ خاصخيلي،جاويد اقبال، عبدالعزيز ميمڻ، فداحسين خاصخيلي غلام قادر ۽ ٻين چيو ته نيشنل بئنڪ انتظاميا  وياج خورن سان ملي ڀڳت ڪري اڪائونٽ هولڊرن کي پريشان ڪري رهي آهي، رشوت عيوض چيڪ پاس ڪيا وڃن ٿا، بئنڪ جو عملي انتهائي خراب رويو اختيار ڪري  رٽائرڊ ملازمن سان بدتميزي بداخلاقي ڪري ٿو. پينشن جا چيڪ پاس نٿا ڪيا وڃن، مامري جو نوٽيس ورتو وڃي.