بينڪاڪ(انٽرسٽنگ نيوز) ٿائي لينڊ جي 92 سالن جي ٽي وي هدايتڪار ويجهڙ ۾ ئي پنهنجو هڪ پروجيڪٽ مڪمل ڪري وڏي عمر جي ٽي وي ڊائريڪٽر جو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب ٿائي لينڊ ۾ “ڪنگ آف ايڪشن” جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندڙ فلم ۽ ٽي وي جو هدايتڪار شيلونگ پاڪڊيو جيت گذريل سان نشر ٿيندڙ 18 قسطن تي مشتمل مني سيريز اسڪائي ريڊر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڏي عمر جو ٽي وي ڊائريڪٽر بڻجي ويو آهي. 18 مارچ 1931ع تي پيدا ٿيندڙ شيلونگ پاڪڊيو جيت پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1950ع ۾ ڪيمرا مين طور ڪئي هئي ۽ 1968ع ۾ پهرين فلم جون هدايتون انجام ڏنيون هيون. هدايڪار 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ٿونگ نالي ايڪشن فلم جي سيريز سان شهرت حاصل ڪئي.