پ پ ۽ ن ليگ ۾ طلاق ٿي وئي، فضل الرحمان جي ڇُوهارن ۾ دم ناهي:فواد چوڌري

0
201

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ بلاول اڳ ئي پنهنجي پارٽي نواز ليگ حوالي ڪئي هئي، بعد ۾ خبر پئي ته سندن طلاق ٿي وئي، اسان جي خواهش هئي ته سندن شادي برقرار رهي، لڳي ٿو فضل الرحمان جي ڇوهارن ۾ دَم نه هو، فصل الرحمان نڪاح پڙهائي، سياست سندس ڪم ناهي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جون پاليسي واضح ٿيڻ بعد سمجهه ۾ اچي ويندو ته فضل الرحمان ڇا ٿو چاهي، اربع تي اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏني ويندي، لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهين دوران فواد چوڌري چيو ته بجيٽ سولائيءَ سان منظور ٿي وينديون، اتحادين بجيٽ ۾ حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، ترين جو ڌُڙو به پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، جهانگير ترين سياسي ماڻهو آهي، سياستدانن جي دعوتن ۽ ملاقاتن سان فرق نٿو پئي.