اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي ساٿين (پ پ ۽ اي اين پي) غلط انداز سان پي ڊي ايم کي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪئي، پر هنن کي اسان سندن فيصلي تي جيڪا نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي ان تي اسان اڃان تائين قائم آهيون، اسان چاهيون ٿا ته هو نظرثاني ڪن ۽ جيڪڏهن هنن غلطي ڪئي آهي ته غلطي قبول ڪرڻ ۽ اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪرڻ ئي اصل جمهوريت جي تقاضا آهي جيڪا پوري ٿيڻ گهرجي. هن حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ ويڪسين اچي چڪي آهي، اسان اڄ تائين هڪ پيسي جي ويڪسين نه گهرائي سگهيا آهيون. ڪورونا ته پري جي ڳالهه آهي، کنگهه وغيره لاءِ به حڪومت دوائون ٻاهران ناهن گهرايون. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اسان پنهنجي عزم تي قائم آهيون ته هن حڪومت جي خاتمي ۽ نين چونڊن لاءِ پوري قوت سان ميدان تي هونداسين، رمضان شريف جيڪري معمولات ۾ ٿوري ڍرائي اچي ويدني آهي پر پي ڊي ايم پنهنجي ڀرپور طاقت سان موجود آهي.