لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته عمران خان پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ايجنڊا تي گامزن آهي، کيس پاڪستان ٽوڙڻ جو ايجنڊا ڏنو ويو آهي ان کي جيڪڏهن 6 مهينن جي لاءِ ڪنهن سٺي جيل ۾ آرام ڪرايو ته پوءِ ڏسو ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿئي ٿي يا نه؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 2، 2 ارب رپيا قرض ورتو پر سال گذري ويو آهي اهي پئسا ڪٿي آهن؟ پيپلز پارٽي گهرن لاءِ ورلڊ بئنڪ مان ورتل قرض جو پئسو رکي وياج پئي وٺي جو چونڊون ويجهو اينديون ته هو گهرن لاءِ 3، 3 لک رپيا ڏئي پنهنجي پارٽي ۽ اميدوارن جي لاءِ ماحول جوڙيندا جيڪا سنڌ صوبي سان زيادتي آهي ان تي جي يو آءِ خاموش نه ويهندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته 400 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيل آهن، ماڻهو روڊن تي گهمي نه ٿا سگهن، هن وقت گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ضلعي جي ڪچي جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال آهي اتي امن امان لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي سنڌ پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪرڻ گهرجن ٻين کاتن جا اربين روپين جا بل منظور ٿين ٿا ته پوءِ سنڌ حڪومت جوائنٽ آپريشن جي لاءِ سنڌ حڪومت فنڊ رکڻ لاءِ ڇو سنجيده ناهي، سنڌ حڪومت پوليس کي ڇو فري هينڊ نه پئي ڏئي امن امان جي بحالي لاءِ جي يو آءِ ٽنهي ضلعن ۾ ماتحت تنظيمن کي پابند ڪري چڪي آهي آهي ته امن امان بابت ريليون ڪڍي اتان جي انتظاميه کي مجبور ڪندي ته هو امن امان ڪرائن.