ڪراچي:  پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي الزام هنيو آهي ته  پ پ مڪاني اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري پي ٽي آءِ کي زبردستي هارايو آهي، صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿئي ها ته ووٽن تي ڌاڙو ڪونه لڳي ها، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي جا  14 مان 9 وارڊ پي ٽي آءِ کٽيا  آهن ، جنهن تان انتقامي ڪارروائي ڪندي  اسان جي دادو ضلعي جي جنرل سيڪريٽري نياز ٻرڙو کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان حيدرآباد جا  3 ٽائون کٽيا آهن، ڪجهه نتيجا اڃا رڪيل آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي تباهه ڪيو آهي، آئون حافظ نعيم الرحمان سان رابطي ۾ آهيان، هن وقت جماعت اسلامي به احتجاج پئي ڪري، ڪراچي جي ميئر جي حوالي سان جلد سٺي خبر ڏينداسين.