لاهور (م ڊ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي خبرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان منهنجو دوست آهي پر پيپلز پارٽي منهنجو خاندان آهي. منهنجو پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. مون کي 2 مئي 2007 تي پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو پيغام پرويز مشرف کان مليو، پيغام هو، 5 مئي تي جيڪا گاڏي اوهان ڊرائيو ڪندا آهيو اها ڊرائيو نه ڪريو. سينئر قانوندان اعتزاز احسن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ گروهه کي اها خبر ملي وئي ته آئون پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ وڃي رهيو آهيان، پهريان اها واويلا مچائي وئي ته مون کي پارٽي مان ڪڍڻ گهرجي، چيو پيو وڃي ته مون کي تحريڪ انصاف طرفان نگران وزيراعظم بڻائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. چيو پيو وڃي ته پارٽي دشمن رويي خلاف مال روڊ تي مظاهرو ٿي رهيو آهي. اعتزاز احسن چيو ته عمران خان منهنجو دوست آهي پر پيپلز پارٽي منهنجو خاندان آهي. آئون اهڙين ڳالهين تي يقين نٿو رکان سياسي اختلاف هجي ته جيڪو ڳالهائڻو هجي اهو ڳالهائي ڇڏيو. ڇا سياسي اختلاف دوران رانا ثناءُالله جي زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون؟ اعتزاز احسن چيو ته جڏهن وڪيلن جي تحريڪ هلائي رهيو هئس تڏهن به مون کي چيو ويندو هو ته پيپلز پارٽي ڇڏي ڏيو منهنجو تڏهن به اهوئي جواب هوندو هو ته نه پيپلز پارٽي ڇڏي ٿو سگهان نه ئي وري وڪيلن جي تحريڪ ڇڏي سگهان ٿو. منهنجا لاڳاپا پارٽي سان ان وقت به جڙيل هئا ۽ جڙيل رهڻ گهرجن. هن وقت به ٽي وي چينلن تي پٽيون هلي رهيون آهن ته اعتزاز احسن بني گالا ۾ ويٺل آهي. عمران خان سرگودها ۾ آئون لاهور ۾ آهيان خبر ناهي ته ڪٿان کان کين خبرون هٿ اينديون آهن. منهنجو پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي. مون کي 2 مئي 2007 تي پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو پيغام پرويز مشرف کان مليو. پرويز مشرف چيو ته اوهان کي وزيراعظم بڻايون ٿا پر مان تڏهن به تيار نه ٿيس.