ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري راجا هائوس ۾ پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلاول ڀٽو، پير پاڳاري جي گهرواريءَ تي ساڻس تعزيت ڪئي، هن مرحومه جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ملاقات ۾ فنڪشنل ليگ جو صوبائي صدر سيد صدرالدين شاهه به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.