ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي ۽  اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي چيو آهي ته فارن فنڊنگ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي اليڪشن ڪمشنر توهين عدالت ڪئي آهي، سندس عدالت ۾ وينداسين، ، ٻٽي شهريت تان فيصل واوڊا کي ته نااهل ڪيو ويو پر مراد علي شاھه خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، وفاقي وزير شازيا مري جي جعلي ڊگري وارو ڪيس ڪيتري عرصي کان هلندڙ آهي سنڌ سرڪار اسان خلاف هڪ طرفو فيصلو اچڻ بعد 2 اربن جي اشتهاري مهم هلائي رهي آهي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته اسان مڪاني چونڊ کٽي رهيا هئاسين، تڏهن ئي اليڪشن ملتوي ڪئي وئي، هاڻ  پ پ پاران پوليس ذريعي مڪاني چونڊ کٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، دادو جو ايس ايس پي عرفان سمون اسانجي اميدوارن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين خوفزده ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته عمران خان جلد سڄي سنڌ جو دورو ڪندو،