پنوعاقل (ن پ ا) پيپلز پارٽي تعلقي پنوعاقل جو جنرل سيڪريٽري ۽ بائجي يوسي چيئرمين حافظ عزيز الله ڀٽو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پنوعاقل ۾ جنازي نماز بعد مرحوم جي مڙهه کي مقامي  قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. وفاقي وزير خورشيد شاھ مرحوم جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي، واضح رھي ته گذريل رات پ پ اڳوان حافظ عزيز الله ڀٽو سکر جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ علاج دوران وفات ڪري ويو. مرحوم جي مڙھ کي وارث کڻائي پنوعاقل پھتا. جنازي نماز ۾ پ پ جي مقامي قيادت سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.