ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 18 آڪٽوبر جي ڪارساز جي شهيدن جي 15هين ورسي جي مناسبت سان تعلقي سطح تي قرآن خواني ۽ دعا جون تقريبون ٿينديون، ڪارڪن تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪن، جڏهن ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪار ساز تي شهيدن جي يادگار تي پهچي گل نڇاور ڪندا دعا پڻ گهرندا، هن چيو ته 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر وارا واقعا جمهوريت تي حملا هئا.