ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي ڊجيٽل آدمشماري تي سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي خدشن بعد آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي. جنهن ۾ قومپرست پارٽين کي به دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جي جاري ڪيل بيان موجب آل پارٽيز ڪانفرنس جمعي جي ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ قومپرست پارٽين کي به دعوت ڏني ويندي. پيپلزپارٽي جي پڌرائي موجب اي پي سي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ، قومپرست پارٽين، مسلم ليگ فنڪشنل سميت سمورين پارٽين کي دعوت ڏني ويندي.