ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)  پ پ ايم اين اي قادر مندو خيل پاران  سنڌ ۾ 6 مهينا رهندڙ کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ بابت قومي اسمبلي ۾ جمع ڪرايل بل جي سندس پارٽي ئي مخالفت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ پ پ سان لاڳاپيل صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته  قادر مندوخيل جو ڊوميسائل بل آڻڻ ذاتي فيصلو آهي،  اهو پ پ جو فيصلو ناهي،  اهڙو بل سامهون آيو ته اسين مخالفت ڪنداسين.