ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آچر 23 آڪٽوبر تي رٿيل مڪاني چونڊن جو واضح اعلان ڪري،  هر پولنگ اسٽيشن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بڻائي وڃي، ڪالهه  ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته  ڪراچي ۾  مڪاني اليڪشن ٿيڻ واري آهي پر سنڌ حڪومت اربين رپين جي اشتهاري مهم پئي هلائي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن خاموش بڻيل آهي، هن چيو ته جماعت اسلامي هر دور ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، اسين دولت نه پر ايمانداري واري سياست ڪريون ٿا، هن چيو ته سنڌ حڪومت اليڪشن کان فرار ٿيڻ ٿي چاهي، انهي ڪري اليڪشن ڪميشن کي خط لکي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي ، ڪراچي واسي وري مڪاني اليڪشن چاهين ٿا، هن چيو ته ڪراچي سان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جو رويو بهتر ناهي، ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن ڪرائي هر پولنگ اسٽيشن تي رينجرز ۽ فوج جا جوان مقرر ڪيا وڃن.