وڳڻ (ن  پ ا ) وڳڻ ڀرسان ڳوٺ پيرڪوٽ ۾ ايم پي اي برهان چانڊيو اڳوڻي ايف آءِ اي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مرحوم گلشير مغيري جي فرزند مرتضيٰ مغيري سان تعزيت ڪئي. ضلعي  قمبر شھدادڪوٽ ۾ اسان رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ۽ اڃان وڌيڪ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايل آھي ، جيڪي تيزي سان هلن پيا پيپلزپارٽي جي اميدوارن سامهون بيٺل جيڪي مخالف اميدوار آھن ، انهن کي پنهنجي گهر جو به ووٽ ڪون ملندو هميشه پيپلزپارٽي طرفان بيٺل اميدوارن جي فتح ٿي آھي ۽ هاڻي به هن واري پيپلزپارٽي جا آميدوار ڪامياب ٿيندا، برھان چانڊيو جي موجودگي ۾ مرتضٰي مغيري برادري سميت پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.