جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ شهيد ڀٽو جي 44 هين ورسي جي ڪوٺايل تقريب ۾ ايم پي اي جي ٽڪيٽ تان ضلعي صدر لياقت علي لاشاري ۽ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي باغي ايم پي اي محمد اسلم ابڙو ۾ ھلندڙ اختلاف سامهون اچي ويا.  ورسي تقريب دوران پارٽي عهديدارن جيڪب آباد شهر جي پي ايس ون جي ٽڪيٽ ورڪر کي ڏيڻ بابت تقريرون ڪيون جنهن بعد ايم پي اي محمد اسلم ابڙو ورسي تقريب کي خطاب دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ضلعي صدر لياقت علي لاشاري پاران عهديدارن کان اها تقرير ڪرائي وئي آهي هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي تقريب ڏک جي مناسبت سان آهي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري مختلف ڪارڪنن کان اها تقرير ڪرائي ۽ نجي محفلن ۾ اهو چيو وڃي ٿو صوبائي ٽڪيٽ لاءِ پرپوزل ۾ منهنجو نالو آهي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ لاءِ اليڪشن کان اڳ ۾ بورڊ جوڙي ويندي آهي ضلعي صدر جي اھڙي موقف سان پارٽي ورڪرز ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن جڏهن ته تقريب کي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري خطاب دوران وضاحت ڏيندي چيو ته مون کي روزو آهي آئون قسم کڻي چوان ٿو ته مون ڪنهن به ورڪر کي پنهنجي حق ۾ تقرير لاءِ نه چيو آهي هوڏانهن ٻئي پاسي ورسي تقريب دوران ايم پي اي محمد اسلم ابڙو ۽ ضلعي صدر لياقت علي لاشاري ۾ اختلاف سامهون اچڻ کانپوءِ جيالا ورهائجي ويا جيڪي پنهنجي حمايتن جي حق ۾ نعرا ھڻندا رهيا جڏهن ته ورسي تقريب دوران ضلعي صدر ۽ ايم پي اي ۾ اختلاف سامهون اچڻ کانپوءِ ورسي جي خاص مهمان صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ڪاوڙ جو به پڻ اظهار ڪيو.