لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي نصيرآباد سٽي ليديز ونگ جي صدر مسڪان اوڍاڻو پارٽي جي عورت ڪارڪنن سان گڏجي دانهيندي چيو ته ٽن ڏينهن کان نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهي آهيان پر هن وقت تائين پارٽي جي اعليٰ قيادت سميت ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا پارٽي جي عهديدار نوٽيس ناهي ورتو. هن چيو ته پ پ جي ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ، تعلقي صدر خان ڦلپوٽو، سٽي صدر ضمير مسڻ، ليديز ونگ جي ضلعي صدر فريال بروهي نوڪرين، ترقياتي ڪمن، فنڊن، ٻوڏ لاءِ آيل امدادي سامان توڙي ٻين سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ هو ته ايم پي اي نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو کي شڪايتون ڪيون پر هو به اسان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.پيپلز پارٽي نصيرآباد سٽي ليديز ونگ جي صدر بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، نثار کهڙو ۽ پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اسان جي ٻارن کي نوڪريون ۽ ترقياتي فنڊ ڏئي اسان جي واهر ۽ مالي سهائتا ڪئي وڃي.