پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پاران استعيفيٰ جو اعلان

0
214
پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پاران استعيفيٰ جو اعلان
پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پاران استعيفيٰ جو اعلان

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هو سڀاڻي پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين کي جمع ڪرائيندو
مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هن اڄ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن ٻڌايو ته پارٽي قيادت منهنجي سياسي موقف کان خوش نه آهي ۽ منهنجي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ چاهي ٿي
مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پارٽي قيادت جي چوڻ تي خوشيءَ سان سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهيان
واضح رهي ته اعظم سواتي جي وڊيو واري مامري تي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر ٽوئٽ ۾ سخت رد عمل ظاهر ڪيو هو ۽ اعظم سواتي جو ڀرجهلو ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي

ھي به پڙھندا

عمران خان هڪ ايف آءِ آر نه ڪٽرائي سگهيو، انقلاب ڇا آڻيندو؟ راڻا ثناءُ الله

مخدوم فضل سميت ٽن ڄڻن جي ضمانت منظور