پ پ سينيٽر تاج حيدر سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو ذميوار سنڌو درياهه کي قرار ڏئي ڇڏيو

0
504

سکر: پيپلزپارٽي جي سينيٽر تاج حيدر سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو ذميوار سنڌو درياهه کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته درياهه بادشاهه تي ڪنهن جو به زور نه ٿو هلي، منهنجا وار جڏهن ڪارا هوندا هئا ته مان به پنجاب تي پاڻي چوري ڪرڻ جا الزام هڻندو هيس، مراد علي شاهه جا وار ڪارا آهن تنهن ڪري هو اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو

هن چيو ته پنجاب ۾ ساريالي فصل جي پوکي تي ڳڻتي آهي، گليشيئر رجڻ کانپوءِ پاڻيءَ جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ شايد ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وڃي، سنڌ يا ته پاڻيءَ لاءِ سڪندي آهي يا وري ٻُڏندي آهي، ڊيمز جو پاڻي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نه پر زرعي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي