پ پ سان ٿيل معاهدي تي اڳڀرائي ناهي ٿي، وزيراعظم مداخلت ڪري: وسيم اختر

0
229
پ پ سان ٿيل معاهدي تي اڳڀرائي
پ پ سان ٿيل معاهدي تي اڳڀرائي ناهي ٿي، وزيراعظم مداخلت ڪري: وسيم اختر

ڪراچي: متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته پيپلز پارٽي سان ٿيل معاهدي تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، آصف زرداري اسان جي ڳالهه کي سنجيدگي سان وٺي، وزيراعظم کي مداخلت ڪرڻ گهرجي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر چيو ته سنڌ حڪومت سان معاملا اڳتي نه وڌي رهيا آهن، آصف علي زرداري اسان جي ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺي، وزيراعظم معاهدي تي عملدرآمد لاءِ مداخلت ڪري
وسيم اختر چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شهري ۽ ٻهراڙي جا مسئلا حل ٿين، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو به چئي چڪا آهن ته مڪاني ادارن واري نظام کي بااختيار بڻايو وڃي پر عملدرآمد نه ٿيو آهي