ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافط نعيم الرحمان چيو آهي ته پ پ پاران ڪراچي ۾ ميئر جا جيڪي خواب ڏٺا پيا وڃن، اهي ڪڏهن به پورا نه ٿيندا، پ پ جماعت اسلامي جا نمبر گهٽ ڪرڻ  جي ڪوشش بند ڪري، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پ پ جي ونگار وهي پئي، ٻيهر ڳڻپ جي نالي تي اسانجون سيٽون چوري ڪيون پيون وڃن،. سنڌ حڪومت جي سمورن هٿڪنڊن باوجود جماعت اسلامي سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، هاڻي اهو انگ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃـي، جنهن جي خلاف 10 مارچ تي اليڪشن آفيس جي آڏو احتجاج ڪيو ويندو، ضرورت پئي ته پوري ملڪ ۾ به احتجاج ڪيو ويندو.