ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اليڪشن  ڪميشن کي خط لکي ۽ پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي اليڪشن کان اڳ ئي ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي،  سنڌ ۾ ڊي آر اوز ۽  اي آر اوز سنڌ حڪومت جا ملازم آهن،  جيڪي  پ پ اڳواڻن جي چوڻ تي اسان جي اميدوارن کي هراسان ڪري رهيا آهن، هن چيو ته  پ پ جا وزير  ۽ مشير سرڪاري مشنري استعمال ڪري اليڪشن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري نوٽس وٺي.