وارھ (ن پ ا) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي وارھ پهچي مختلف هنڌن تي تعزيتون ڪيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته برسات سبب نقصان ٿيا پر وڌيڪ تباهيون انتظاميا جي نااهلي سبب ٿيون، ڳڙھي خيرو کان سيوھڻ تائين سم نالا ٽٽڻ، شاخن کي گهارا پوڻ سبب هزارين ڳوٺ ۽ ڪيترائي شھر پاڻي جي لپيٽ ۾ آيا،  هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ آبپاشي کاتو ڪٿي به پاڻي کي رستو ڏيارڻ توڙي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي  نظر نه آيو،  صفدر عباسي چيو ته ايريگيشن کاتي جا عملدار ۽ حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه ماڻھو کاٽي لاءِ ايندڙ اربين رپيا ڳڙڪائي وڃن ٿا ۽ بندن توڙي سم نالن جي ڪپرن جو ڪم به ناهي ٿيو. ايريگيشن کاتي توڙي واپڊا اسڪارپ  جي اهڙي نااهلي سبب ماروئڙا بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن پر صوبائي توڙي وفاقي سرڪار ڪٿي به متاثرين جي مدد ڪندي نظر نه پئي اچي. هن چيو ته معظم عباسي کي مخالف ڌر ۾ هجڻ سبب فنڊس نه پئي مليا جنهن ڪري کيس عوامي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ تڪليفون درپيش پئي آيون انڪري هن استعيفيٰ ڏني ڊاڪٽر صفدر  عباسي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي اندر پنهنجو معيار ڪيرائي چڪي آھي جن کي ايندڙ اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي هن چيو ته سنڌ جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز هاڻي دانهي رهيا آھن ته کين سندن ئي  سرڪار نه ٿي ٻڌي نه ئي سندن مسئلا حل ڪيا پيا وڃن شڪايتون ڪندڙ  چونڊيل نمائيندن کي صلاح ٿو ڏيان ته استعيفائون ڏئي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهو پي پي کي ڇڏي ڏيو هن چيو ته ڪو وقت هيو ته پيپلز پارٽي جا اسين وارث هياسين پر هاڻي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن پي پي کان گهڻو پري ٿي چڪا آھيون.