ڪراچي(م ڊ) ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار چيو آهي ته مون کي لڳو ته پ پ بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ سنجيده نه هئي، قتل ۾ پرويز مشرف جو هٿ نه هو، ڪارساز  حملي جو جوابدار اڪرام الله محسود به حڪومت گرفتار ڪري نه سگهي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽر ويو ۾ رائو انوار چيو ته بينظير ڀٽو جي گاڏي کان رحمان ملڪ جي گاڏي اڳيان هئي، مون جي آءِ ٽي ۾ هوندي نه رحمان ملڪ ۽ نه ئي بابر اعواڻ کان سوال ڪيا. رحمان ملڪ مون کي بينظير ڀٽو جو موبائل فون به نه ڏنو. مون کي لڳو ته پيپلز پارٽي بينظير جي قتل جي جاچ ۾ سنجيده نه آهي. رحمان ملڪ جي رويي مان ائين ئي لڳو پر مون اها ڳالهه آصف زرداري سان نه ڪئي هئي. هن چيو ته مون جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي صحيح نه ڪئي هئي، پرويز مشرف جو ان جي قتل ۾ ڪو ڪردار نه هو، هن تي ته القاعده ۽ طالبان حملا ڪري رهيا هئا هو ڇو انهن سان هٿ ملائيندو؟ هن چيو ته ڪارساز سانحي ۾ اڪرام محسود ملوث هو ان کي پ پ جي حڪومت نه پڪڙيو، طيب محسود کي به گرفتار نه ڪيوويو. ان واقعي ۾ پوڻا ٻه سئو ماڻهو مارجي ويا پوڻا ٻه سئو معذور ٿي ويا پر ڪو به ماڻهو گرفتار نه ڪيو ويو، بينظير ڀٽو قتل ٿي ڪو ماڻهو گرفتار نه ڪيو ويو، قتل ۾ بيت الله محسود ملوث هو اڪرام الله محسود جيئرو آهي ملي وڃيو ته ان کان پڇي وٺو. هن چيو ته آصف زرداري جو خاص ماڻهو نه هئس، منهنجي 12 سال نوڪري خراب ڪئي وئي، خواجا اظهار کي پڪڙڻ تي هٽايو ويو. کيس پڪڙڻ درست هو اسميبلي مان پڪڙيان ها ته اهو غلط هجي ها. هن چيو ته آمريڪا وارا ڏکڻ آفريڪا مان بينڪاڪ ايندا هئا اتان ڇوڪرا وٺي ڀارت وڃي ٽريننگ ڏياريندا هئا، ايترو دلير نه آهيان جو نالا کڻان. منهنجا ٻار ملڪ کان ٻاهر هئا، مراد علي شاهه جي بهترين حڪمراني اها آهي جو مون خواجا اظهار کي گرفتار ڪيو ته ٽڪر هليا ته مون کي هٽايو ويو آهي. خالد شهنشاهه جا جوا جا اڏا هئا سندس انڊرورلڊ ڊان شعيب خان سان اختلاف هئا هن چيو ته عمران خان سان مليس جنهن ڪاغذ ايميل ڪرڻ لاءِ چيو جيڪي ڪيم پر بحال نه ڪيو ويو، عمران منهنجي مدد ڪئي. سندس ڪراچي جي پارٽي جي چوڻ تي مون کي ماڻهن جو قاتل قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.