خيرپور (رپورٽر) خيرپور ريلوي اسٽيشن تي عزادار جي جان بچائيندڙ پوليس اهلڪار جميل ڪلھوڙو کي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه پاران آجياڻو، اهلڪار کي اجرڪ ٽوپين جا تحفا ۽ روڪ انعام ڏنو ويو، وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ پاران پڻ 50 هزار رپين جي انعام جو اعلان. خبر موجب خيرپور ۾ 8 محرم الحرام تي ڊيوٽيءَ دوران ريلوي اسٽيشن تي جرئت ۽ انساني همدرديءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ عزادار جي جان بچائيندڙ پوليس اهلڪار جميل ڪلھوڙو لاءِ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه پاران آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پ پ اڳواڻ مظهر مڱڻهار، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر مهدي رضا آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نفيسه شاهه پوليس اهلڪار جميل ڪلھوڙو کي اجرڪ ٽوپيءَ جا تحفا ۽ روڪ رقم انعام ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته جميل ڪلھوڙي هڪ انسان جي جان بچائي پوليس کاتي ۽ خيرپور واسين جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. هن چيو ته جميل ڪلھوڙي جهڙن بهادر پوليس اهلڪارن تي اسان کي فخر آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪار جميل ڪلھوڙي لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ تعريفي پيغام ڏنو آهي. ٻئي پاسي اهلڪار جميل ڪلهوڙو لاءِ وڏي وزير جي صلاحڪار منظور حسين وساڻ پاران پڻ 50 هزار رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.