دولتپور صفن (ن پ ا) پ پ ايم پي اي، 2 اڳوڻن ايم پي ايز ۽ 8 اهلڪارن سميت 18 ڄڻن جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، خبر موجب دولتپور واسي علي بخش ملاح پ پ ايم پي اي خان محمد ڏاھري، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر  بھادر ڏاهري، اڳوڻي ايم پي اي مٺل ڏاهري، پنج گن مين، اڳوڻي  ايس ايچ او عبدالطيف ٿھيم، اڳوڻي ڊي ايس پي سڪندر شاهه ۽ 8 پوليس اھلڪارن سميت 18 ڄڻن خلاف پنھنجي وڪيل معرفت پلاٽ تان سامان کڻڻ ۽ هراسمينٽ جي درخواست داخل ڪرائي هئي، نواب شاهه جي عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڄاڻايل ماڻهن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن، فريادي علي  بخش ملاح ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل جوابدار کيس هراسان ڪري ذاتي پلاٽ تان 104 ڪڻڪ جون ٻوريون، 04 سولر پليٽون، 2 بيٽريون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن، درخواستگذار موجب سندس 11 لک رپين جو سامان کنيو ويو آهي، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته دولتپور ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻنھي ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ آھي، ڪجھه ڏينهن اڳ علي بخش ملاح کي گرفتار ڪري سڪرنڊ ٿاڻي تي 2 ڌار ڌار دھشتگردي جا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ هو جيل ويو هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ضمانت تي آزاد ٿيو هو، واضع رهي ته هڪ  مھينو  اڳ عدالت پلاٽ بابت علي بخش ملاح جي حق ۾ فيصلو ڏنو ھو،