شاهپور چاڪر (ن پ ا) شاهپور چاڪر جي وارڊ نمبر 7 تي جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ متحده جي اميدوارن دانهيندي چيو ته سموري سرڪاري مشينري پ پ جي ونگارو بڻيل هئي ۽ پوليس به سندن چوڻ تي اسان مٿان لٺيون پئي وسائي، هنن چيو ته اهڙي زيادتي  جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻئي پاسي وارڊ نمبر 8 تي پولنگ ٽائيم ختم ٿيڻ باوجود هڪ اميدوار ي حامين ووٽرن کي ديوارن تان اندر داخل ڪرائي ووٽ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ جي ڊي اي جا 4 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا،