پ ٽ الف جِي مرڪزي چونڊ ۾ سوڀ ماڻيندڙ لڪي شاهه صدر پينل جِي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل

0
433
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد، پ ٽ الف جِي مرڪزي چونڊ ۾ سوڀ ماڻيندڙ لڪي شاهه صدر پينل جِي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، ڌرين کي 11 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم: ڀٽائي پينل جَي اميدوار شفيع محمد سٺيو ۽ سڪندر جتوئي چونڊ نتيجا چيلينج ڪيا هئا، درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو هو ته 12 اپريل تي ٿيل چونڊ ۾ ڀٽائي پينل 175 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو پر 13 اپريل تي ڊپٽي ڊائريڪٽر انڊسٽريز مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن رد ڪندي لڪي شاهه صدر پينل کي ڪامياب قرار ڏنو.