پھرين مئي، گول ماني ۽ مزدور …

0
273
پھرين مئي، گول ماني ۽ مزدور ...

 “مزدور جي ماني گول ناھي ٿيندي، مزدور جي ماني ٽي ڪُنڊي ۽ چئوڪُنڊي ھوندي آھي. مزدور جي مانيءَ کي ٽُنگ ھوندا آھن، مزدور جي ماني سڙيل ۽ ٺريل ھوندي آھي. ڪارخاني جي ڪينٽين تان پھرين گرم مانيءَ تي حق ان مزدورن جي آفيسر (ليبر آفيسر) جو آھي، جيڪو سڄو ڏينھن اسانجي مزدورن جي فلاح و بھبود لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو آھي. پاڻ فئملي سميت اسان جي ليبر ڪالونيءَ ۾ رھي ٿو، ان ڪري کيس گھر تائين ماني پھچائڻ اسانجو فرض آھي. منھنجا مزدور ڀائرو..! سواءِ ‘گول ماني’ جي، اوھانجا سڀ مطالبا پورا ٿي چُڪا آھن. ھاڻي اوھانجو ڪو به فرمائشي پروگرام نه ھلندو، تنھنڪري سڄو ڌيان ڪم تي ڏيو. اوھان ڪم ڪندا ته ملڪ ۾ صنعتي پيداوار وڌندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو…!” ڪلف ٿيل ڪاٽن جا ڪپڙا پاتل مزدور يونين اڳواڻ شيرباز خان پھرين مئي تي شڪاگو جي شھيدن جي ياد ۾ ھڪ وڏي تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي آخري جملا چئي اچي مِل مالڪ ۽ ليبر آفيسر جي وچ ۾ ويٺو ۽ کين ڪن ۾ سرٻاٽ ڪرڻ بعد ٽئي ڄڻا کلڻ لڳا.

                 “مزدور اتحاد … زندھ باد”، “مِل مالڪ .. زندھ باد”، “يونين اڳواڻ.. زندھ باد”، “ليبر آفيسر .. زندھ آباد”…. تقرير ختم ٿيڻ بعد مزدورن جو سُپروائيزر موڳو مٽر اسٽيج تي اچي وات ڦاڙي نعرا ھڻڻ لڳو ۽ تقرير لاءِ ليبر آفيسر کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني.

“حڪومت پاران ھر ھڪ مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ ۾ 50 ھزار يعني اڌ لک روپيه پگھار مقرر ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آھي. ايندڙ مالي سال ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اوھانجي پگھار ٻيڻي ڪئي ويندي ۽ صنعتڪارن کي مقرر پگھار ڏيڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو. ھاڻي اوھان کي مانيءَ لاءِ ڪنھن ‘سيلاني ۽ جيلاني’ جي لنگر خاني ٻاھران لائين نه لڳائڻي پوندي. سرڪار پاران اوھانجي کاڌي پيتي جو خاص خيال رکيو پيو وڃي. اوھان جي ٻارن لاءِ مفت تعليم جو بندوبست ڪيو ويو آھي، فني سکيا ڏئي ملڪ توڙي پرڏيھ ۾ کين روزگار سان لڳايو ويندو”. ليبر آفيسر جي تقرير تي مزدورن جي منھن تي مُرڪ اچي وئي.

موڳو مٽر وري اسٽيج تي اچي نعرا ھڻڻ لڳو ته، “مزدور پارٽي.. زندھ باد”، “مزدور دوست سرڪار .. زندھ باد”. “ھاڻي اوھانجي تاڙين جي گونج ۾ اسان سڀني جي محسن مِل مالڪ کي دعوت ٿو ڏيان ته اسٽيج تي اچي پنھنجن خيالن جو اعلان ڪري ۽  مزدور دوست پاليسين جو اعلان ڪري…” ھن مِل مالڪ کي تقرير لاءِ سڏ ڪيو.

“مون ھن سال ڪارخاني جي اپت مان سرڪار کي ڪروڙين روپيا ٽئڪس ادا ڪيو آھي، اوھانجي محنت سان ٿيندڙ پيداوار کي ٻاھرين ملڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته جيئن وڌ ۾ وڌ ناڻو ڪمائي ملڪ جي معاشي صورتحال کي بھتر بڻائي سگھجي. جڏھن ملڪ خوشحال ھوندو ته اوھان مزدور به خوشحال ٿيندئو. جيئن صنعتي اُپت بھتر ٿيندي ته اوھان لاءِ نئين رھائشي ڪالوني جو ڪم شروع ڪيو ويندو، جتي مسجد، راند جو گرائونڊ ۽ سرڪار جي تعاون سان اسڪول پڻ تعمير ڪرايا ويندا”.

مِل مالڪ جي تقرير ڪرڻ بعد موڳي مٽر اعلان ڪيو ته اڄ پھرين مئي تي سڀني مزدورن جي پگھار اسانجو مِل مالڪ، مزدور اڳواڻ ۽ ليبر آفيسر گڏجي ورھائيندا. پگھار وٺڻ لاءِ مزدورن کي ھڪ قطار ۾ بيھاريو ويو. جيئن ئي مزدور پگھار وٺي ٻاھر پئسا ڳڻڻ لڳا ته انھن جي پگھار مان ڪٽوتي ٿيل ھئي، جنھن تي مزدور ٽولا ٽولا ٿي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان پگھار ۾ ڪٽوتي تي پُڇڻ لڳا ۽ بعد ۾ مزدورن گوڙ ڪيو ۽ نعرا ھڻڻ لڳا ته، “پگھار مان ڪٽوتي …. نا منظور.. نا منظور..”. اھڙي صورتحال ۾ مُوڳي مٽر يونين اڳواڻ جي زباني ھدايتن تي اسٽيج تي اچي لائوڊ اسپيڪر تي وضاحت ڪندي چيو ته، “منھنجا پيارا مزدور ڀائرو! پريشان نه ٿيو. اڄ اوھان کي ملندڙ پگھار ۾ ھڪ ھڪ ھزار جي ڪٽوتي مزدورن جي عالمي ڏينھن جي خوشي ملھائڻ جي سلسلي ۾ اڄوڪي رٿيل پروگرام جي ڪري ڪئي وئي آھي.” ان موقعي تي ھن اعلان به ڪيو ته، “اڄ سڀني مزدورن جي ماني جو بندوبست مِل مالڪ طرفان ڪيو ويو آھي، ڪارخاني جي ڪينٽين ۾ لڳل تندور ڀرسان اوھان قطار ڪري بيھو ۽ پنھنجي ماني وٺڻ جو انتظار ڪريو، باقي ٻوڙ جو بندوبست اوھان کي پاڻ ڪرڻو پوندو.” مزدور جيئن ئي ڪينٽين طرف وڌڻ لڳا ته، پويان مِل مالڪ، ليبر آفيسر، يونين اڳواڻ ۽ موڳو مٽر شھر جي شاندار ھوٽل تي اڳواٽ رٿيل ماني کائڻ لاءِ روانا ٿيا. ھوڏانھن مزدور مِل اندر ڪينٽين ۾ لڳل تندور تان ملندڙ اڌ گول، اڌ سڙيل، ٽه ڪنڊي، ٺريل ۽  ٽُنگدار ماني ملڻ جي پنھنجي واري جو انتظار ڪندا رھيا. ڪينٽين اندر دروازي مٿان لڳل بينر تي لکيل ھو ته اڄ جي ماني مِل مالڪ جي مالي سھڪار سان ڏني پئي وڃي.