اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي روڪڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وزارت آڊيٽر جنرل کي پگهارون ۽ پينشن جي ادائيگي روڪڻ بابت ڪو به حڪم جاري ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته آڊيٽر جنرل تصديق ڪئي ته پگهارون ۽ پينشن جي ادائيگي شروع ڪئي وئي آهي ۽ جيڪا وقت سر ادا ڪئي ويندي جڏهن ته ٻيون ادائيگيون به معمول موجب ڪيون پيون وڃن. پگهارون ۽ پينشن روڪڻ واري خبرن ۾ صداقت ناهي.