ڇاڇرو (رپورٽ: عبدالجبار نهڙيو) ڇاڇرو ۾ آر او پلانٽ ملازم پگهارن کان محروم، ڌرڻو، ايم اين اي جي رستا روڪ، ڇڪتاڻ، نعري بازي، ان ڏس ۾  ڇاڇرو جي مختلف ڳوٺن جي آر او پلانٽن جي آپريٽرن کي 26 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ بعد عمرڪوٽ_ڇاڇرو روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين روڊ تان گذرندڙ  پيپلزپارٽي جي ايم اين اي امير علي شاھ جيلاني جي بس ٽرمينل ويجهو  رستا روڪ ڪئي، ان دوران پوليس ۽ ايم اين اي جا سڪيورٽي گارڊ مظاهرين کان رستو خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، مظاهرين پاران نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي  آر او پلانٽ جي آپريٽرن منظور علي راهمون، محمد خان راهمون، ولي محمد منگريو ۽ ٻين ايم اين اي اڳيان دانيهندي چيو ته 26 مهينن کان پگهارون ناهن مليون، بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، توهان اسان کي پگهارون ڏياريو يا اسان جي مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏيو، ان موقعي تي آپريٽرن ايم اين اي امير علي شاهه جيلاني کي چيو ته توهان جو والد غريبن جا مسئلا فوري طور حل ڪرائيندو هو، توهان مسئلا ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون، غريبن تي رحم ڪيو، ٻي طرف  ايم اين اي امير علي شاھ جيلاني گاڏي مان هيٺ لهي آپريٽرن وٽ پهتو، امير علي شاھ جيلاني چيو ته توهان جي مسئلي جي حوالي سان آئون ڳالھايان ٿو، ٻن ڏينهن کان پوءِ توهان ڪامارو شريف اچو، توهان جو مسئلو حل ڪرائيندس.