سکر/خيرپور (نمائندن وٽان) سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور پاران فلڊ رليف فنڊ جي مد ۾ سنڌ سرڪار پاران سرڪاري ملازمن جي پگهار مان ڪٽوٽي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي چيئرمين ظھير احمد لاڙڪ ۽ ٻين پاران ليگل ڪاميٽيءَ معرفت ملازمن جي پگهار مان ڪٽوتين خلاف داخل ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جو ڪٽوتي وارو فيصلو ناانصافي آهي، ڇاڪاڻ ته برساتن ۾ جتي عام ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي، اتي سرڪاري ملازم پڻ هن آفت جو شڪار ٿيو آهي. پٽيشن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري فنانس سنڌ، اڪائوٽنٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. پٽيشن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪيل ڪٽوٽي واپس ڪئي وڃي. عدالت پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي 13 سيپٽمبر تي سماعت جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.