اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي پائليٽن پگهارن تي ٽيڪس جي معاملي تي استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. قومي اسيمبلي جي ايوي ايشن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پي آءِ اي جي پائليٽن پگهارن تي 35 کان 40 سيڪڙو تائين ٽيڪس خلاف وڏي انگ ۾ استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي پائليٽن جي پگهارن تي 35 کان 40 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي، جنهن تحت 8 لک پگهار کڻندڙ پائليٽ کي ساڍا 3 لک رپيا واڌو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ڪاميٽي ميمبر سائرا بانو چيو ته ٻن درجن کان وڌيڪ پائليٽن استعيفائون ڏنيون آهن، جن کي منظور نه پيو ڪيو وڃي. پي آءِ اي اختيارين به ڪاميٽي ۾ استعيفائن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پائليٽن جون استعيفائون وصول ٿي رهيون آهن، جنهن تي پي آءِ اي ۾ 250 نوان پائليٽ ڀرتي ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. پي آءِ اي جي چيف ڪمرشل آفيسر ٻڌايو ته حڪومت پائليٽن جي نين ڀرتين تي اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۾ نين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.