فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ مان يارهين درجي ۾ شاگردياڻي مبينا اغوا،چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل، شاگردياڻي ڪويتا چانگ جي اغوا ڪيس ۾ گلزار، نياز، انصاف ۽ شاهه محمد چانگ کي نامزد ڪيو ويو، ذاڪر حسين جو چوڻ آهي ته گذريل رات دير سان 4 جوابدار گھر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي ڌيءَ کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته الزام هيٺ آيل شاهه محمد چانگ جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي کي اغوا ناهي ڪيو، هن گلزار سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي.