سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، 11 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

0
397

 

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 11 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن

پکو ويجهو خوفناڪ حادثي سبب رتوديرو واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 5 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، خيرپور جُوسو لاڙي وٽ ڪوهيڙي سبب ڪار جو ٽريڪٽر سان ٽڪر ٿي پيو

حادثي سبب عظيم شاهه، اسماعيل شاهه، مٺل شاهه سميت 5 گهر ڀاتين دم ڏنو، فوتين ۾ هڪ ٻارڙي بيبي مَنت شاهه به شامل آھن،2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

نوري آباد ويجهو ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ جهڏو واسي 9 ورهين جي نينگري ناياب قائمخاني ۽ دين محمد باريجو فوت ٿي ويا، ٻنهي حادثن ۾ عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڄامشورو ويجهو ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر ۽ وين ۾ ٽڪر سبب هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، 12 مسافر زخمي ٿي پيا، ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي گاڏي جي ٽڪر ۾ راهگير پيرسن عنايت الله ڀٽو فوت ٿي ويو

خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي ڪار جي ٽڪر ۾ دريافت علي فوت ٿي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڪوٽ لالو ويجهو  نيشنل هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ڪرونڊي واسي راجو ماڙيچو فوت، اشوڪ اوڏ زخمي ٿي پيو

ھي به پڙھندا

ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ بعد اباڻن ڪکن ڏانهن ويندڙ ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن سان خوفناڪ حادثو : ٻارن سوڌو 16 ڄڻا سڙي فوت