لاڙڪاڻو/پکو (نمائندن وٽان) قمبر تعلقي جي ڳوٺ الھه ڏنو تنيو واسين سان خيرپور جوسو روڊ تي حادثو ٿيو، 2عورتون فوت ٿي ويون، نوجوان زخمي ٿي پيو، تيز رفتاري موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪوچ هيٺان اچي وئي، حليمان خاتون ۽ پوپران خاتون چيڀاٽجي فوت ٿي ويون، نوجوان بابر زخمي ٿي پيو، پکو پوليس پهچي ڪوچ کي تحويل ۾ ورتو، ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو.