پکو واسي مغوي نوجوان بازياب نه ٿيو، 30 لک رپيا ڀُنگ طلب

0
204

پکو (ن پ ا) پکو ڀرسان اغوا ٿيل 18 ورھين جو نوجوان عامر مرکنڊ بازياب نه ٿي سگھيو، مھينو اڳ وڳڻ جي خان صاحب محلي واسي عامر پُٽ محمد خان مرکنڊ جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن طرفان 30 لک رپيا ڀُنگ گهريو ويو هيو جنهن جي وارثن امڙ اشرف خاتون، محمد خان مرکنڊ ۽ ٻيا پاڪ ڪتاب کڻي علائقي ۾ نڪري پيا ۽ کڻي احتجاج ڪندي مغوي نوجوان جي امڙ اشرف خاتون روئندي چيو ته منھنجي معصوم پُٽ کي ورغلائي اغوا ڪيو ويو آھي ھُن فون تي ٻڌايو آھي ته ڌاڙيل پئسا نه ملڻ تي روز مارڪٽ ڪندا آھن اسان جي اپيل آھي ته خداڪارڻ پُٽ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي جئين اسان پنھنجي ٻچي سان گڏ عيد جون خوشيون ملهائي سگهون، ھوڏانھن مغوي نوجوان جي پيءُ محمد خان مرکنڊ ٻڌايو ته ڌاڙيلن 30 لک گھريا آھن اسان مزدوري ڪري پيٽ پاليون ٿا ايتري رقم ڪٿان آڻيون مجبورن ڪلام پاڪ کڻي نڪتا آھيون.