راضيديرو (ن پ ا) “پڙهندي سنڌ ته وڌنڌي سنڌ“ تعليم جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ستابو جي استادن، شاگردن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. رپورٽ موجب 8 جنوريءَ تي تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان هاءِ اسڪول ستابو جي استادن ۽ شاگردن پاران گسٽا اڳواڻ محمد يوسف جکڙ، علي گل کهڙو، ثناءُ الله جکڙ، محمد پنجل کهڙو ۽ وحيد کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪول کان  ستابو باءِ پاس چوڪ تائين تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي شاگرد ”پڙهندي سنڌ ته وڌنڌي سنڌ“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي استادن جو چوڻ هو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، ڇوڪرن سان گڏ نياڻين کي به تعليم جهڙي زيور سان آراستا ڪيو وڃي، ڇو ته مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو پر عورت پڙهي ته گهر پڙهيو. مقررن چيو ته جديد دور ۾ تعليم جي ذريعي ئي ترقي ماڻي سگهجي ٿي.