پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ واپڊا ۾ پرائيويٽ طور ملازمت ڪندڙ ٿنڀي تان ڪري فوت، خبرموجب ڳوٺ نور محمد  راڄپر جو رهواسي واپڊا پڊعيدن ۾ پرائيويٽ طور ملازمت ڪندڙ 48 ورهين جو اويس راڄپر تاج ڪالوني ۾ بجلي جي ٿنڀي تي ڪم ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري پيو، جنهن کي پرائيوٽ اسپتال آندو ويو، جتان کيس نوابشاهه ريفر ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن جو چوڻ آھي ته همراه پڊعيدن واپڊا ۾ پرائيويٽ ملازم هيو، جيڪو بجلي جو ڪم ڪري رهيو هو ته ڪري پيو،