پڊعيدن ويجهو عورت ٻن ٻارن سوڌو ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

0
188
ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو
پڊعيدن ويجهو عورت ٻن ٻارن سوڌو ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

پڊعيدن: صائمه راڄپر نالي ناري پنهنجن ٻن پٽن چئن ورهين جي عمر فاروق ۽ ٽن سالن جي ابوبڪر سوڌو نصرت ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

موقعي تي موجود ماڻهن عورت ۽ هن جي ٻڏندڙ ٻارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪينال ۾ ٽپو ڏنو. عورت ۽ سندس ٻار ابوبڪر کي ٻڏڻ کان بچايو ويو ۽ ٻنهي کي ٻاهر ڪڍيو ويو، پر عورت جو ٻيو پٽ عمر فاروق هٿ نه اچي سگهيو. مقامي ٽوٻن ذريعي نينگر جي نئين سر ڳولا شروع ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارن سوڌو آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ناري صائمه صدمي جي حالت ۾ آهي ۽ آپگهات جو ڪارڻ نه پئي ٻڌائي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ گم ٿيل نينگر جي ڳولا به جاري آهي