پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن لڳ ڳوٺ حاجي جوايو ڀنگو سيال ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان سئوٽن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ زڪير سيال، منٺار سيال، ظھير، پھلوان، حب علي ۽ ارشاد سيال شامل آهن، جن کي اسپتال نيو ويو، جتان زڪير سيال ۽ ارشاد سيال جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس اين سي داخل ڪري ٻنھي ڌرين جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.