عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي تعلقي پٿورو جي يو سي شاھ مردان شاھ  جون ٽي پولنگ اسٽيشنون  تبديل ڪيون ويون، فقير ترڪو منڱريو جي پولنگ اسٽيشن کي تبديل ڪري مانجهي راڄڙ، دلاور منڱريو جي پولنگ اسٽيشن تبديل ڪري سرھاڙي شاخ ۽ فقير مٺو راڄڙ جي پولنگ اسٽيشن تبديل ڪري سومار راڄڙ ۾ رکي وئي آهي، رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي ضلعي ناظم ۽ جي ڊِ اي اڳواڻ فقير مگهن منڱريو چيو ته ڄاڻايل پولنگ اسٽيشنز اسان جون پراڻيون پولنگون آهن، ڊي آر او ۽ آر او پ پ جي ونگار وهندي پولنگ اسٽيشنز کي تبديل ڪيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هن چيو ته هڪڙي پولنگ اسٽيشن صوبائي وزير سردار شاھ جي اوطاق تي رکي وئي آهي، جتي ڪو به پرائمري اسڪول يا سرڪاري عمارت موجود ناهي، هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ، ڊي آر او ۽ آر او پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرائي وڳوڙ ڪرائڻ چاهين ٿا، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي،