پٿورو (ن پ ا) تعلقي پٿوري جي سمورن شھرن ۾ اٽي جي سرڪاري اعلانيل اگھن تي عمل نه ٿي سگھيو، غريب طبقو ھڪ ويلي جي  ماني لاءِ پريشان، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن موجب ته  ڪڻڪ وصول ڪرڻ جي باوجود تعلقي جي ٽنھي  شھرن ۾ سرڪاري اگھه تي اٽو سستو ناھي ٿي سگھيو، سرڪاري گدامن مان چڪي مالڪن پاران ڪڻڪ سرڪاري اگھه تي کڻڻ جي باوجود  اٽو 26 سئو بدران  42 سئو روپيا في مڻ ۾  وڪرو ڪري رھيا آھن،  جڏهن  ته ڪافي چڪي مالڪن وٽ رڪارڊ ۾  وڌيڪ پر سرزمين تي پٿر گھٽ لڳل آهن،  ان حوالي سان  فوڊ انچارج خميسو منڱريو ٻڌايو ته اسان سرڪاري ڪوٽا ڏئي رھيا آھيون، چڪي مالڪن کي ھدايت ڪئي آھي ته ڪوٽا کڻڻ بعد چڪين تي بينر لڳائي اٽو 26 سئو رپيا في مڻ ۾ وڪرو ڪيو وڃي، ٻئي طرف پٿورو ۽ غلام نبي شاھ جي رھواسين قادر ڪنڀر، امجد ڪولاچي،  يعقوب نوھڙي ۽ ٻين ٻڌايو ته  چڪي مالڪ سرڪاري گدام تان ڪڻڪ کڻي مارڪيٽ ۾ ڳري قيمت تي وڪرو ڪن پيا، جنهن سبب غريب طبقو پريشان آهي، سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي.