پٿورو (ن پ ا) شادي پلي ويجهو ڳوٺ ويهو مل ڪولهي جي رهواسي 65 ورهين جي ايوب عرف جبو شر گهرو اڻبڻت سبب پنهنجي ڪکائين جهوپڙي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پٿورو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب پيرسن جو ذهني توازن درست نه هو.