پٿورو (ن پ ا) پٿورو ڀرسان نوجوان شادي کان هفتو اڳ پراسرار نموني فوت، گهر مان لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ، خبر موجب ڳوٺ عمر ھاليپوٽو ۾ نوجوان ڌڻي بخش ولد غلام حسين ھاليپوٽو پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنهن جو گھر مان لاش مليو، لاش اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، نوجوان جي والد غلام حسين ھاليپوٽو جو چوڻ هو ته سندس پٽ جي ايندڙ ھفتي  شادي رٿيل ھئي، رات به  شادي جي حوالي سان گھر ۾ پروگرام رکيل ھو، جنهن ۾ مٽ مائث آيل ھئا، هن چيو ته نوجوان گھر جي ڪمري ۾ ستل هو، صبح جو کيس اٿارڻ وياسين ته هو فوت ٿيل هو، هن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناھي، ظالمن ظلم ڪيو آهي، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪيون ويون آهن، ڊاڪٽرن موجب نوجوان جي ڪنڌ تي تشدد جا واضح نشان هئا، حتمي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ خبر پوندي.