پٿورو (ن پ ا) پٿوري واسڻ نوجوان ناري مبينا اغوا. ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل، پسند پرني لاءِ گهران نڪرڻ جا چوٻول، خبر موجب شهر جي  پنجابي پاڙي مان نوجوان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، ناري  جي ماءُ زاهده زال بشير احمد ڀٽي جي فرياد تي پٿورو ٿاڻي تي ٻن جوابدارن بابر علي مرزا ۽ گل محمد مرزا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار بابر علي مرزا ۽ گل محمد مرزا گهر ۾ داخل ٿي ڌيءَ حنا کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن، خدشو آهي ته اغوا ڪندڙ بابر مرزا نياڻي  کي ڌمڪيون ڏئي زبردستي نڪاح ڪندو، ٻئي طرف چئوٻول آھن ته ناري پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪري وئي آھي.