لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسڻ پيرسن بيواهه حوا خاتون ڪلهوڙو پنهنجي ڌيءُ تسليم  خاتون سان گڏجي دانهيندي چيو ته2 پٽ مشتاق ڪلهوڙو ۽ ممتاز ڪلهوڙو سندن زالون خرچ ۽ وقت تي ماني به ناهن ڏيندا، ڌيءُ تسليم خاتون خيرپور جي سوئيٽ هوم ۾ ڊيوٽي ڪندي آهي، جنهن جي پگهار مان اسان ٻئين ماءُ ڌيئر گهر جو گذر سفر ڪنديون آهيون، پٽ ۽ ننهرون قيد ڪري ڇڏين ٿا، اهڙي زندگي مان بيزار ٿي وئي آهيان. هن چيو ته مڙس جي فوت ٿيڻ کان پوءِ مان سلائي مشين هلائي ۽ مختلف پورهيا ڪري اولاد کي پالي وڏو ڪيو، پر پٽ نافرمان ٿي ويا آهن، جيڪي پنهنجي زالن جي چوڻ تي منهنجو ڪو خيال نه ٿا ڪن.هن ضلعي انتظاميه ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽن ۽ ننهرن خلاف ڪاروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.