لاهور (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته هو پنهنجي پٽ کي قرآن جو حافظ بڻائڻ چاهي ٿو. هڪ انٽرويوءَ دوران ميزبان شعيب ملڪ کان سندس پٽ جي حوالي سان سوال ڪيو ته ڇا هو پنهنجي پٽ کي ڪڏهن ڪرڪيٽر بڻجڻ لاءِ زور ڀريندو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هو پنهنجي پٽ مٿان نه رڳو ڪرڪيٽر پر ڪنهن به ڪم لاءِ دٻاءُ نه وجهندو. گڏوگڏ هن چيو ته قرآن حفظ ڪرائڻ منهنجي خواهش آهي ۽ مان ائين چاهيان ٿو، ان کانسواءِ هو سٺو پڙهي ۽ سڀني جي عزت ڪري، رڳو اهي شيون پٽ ۾ چاهيان ٿو، باقي هو زندگي ۾ جيڪو ڪرڻ چاهي اهو ڪري.